تني نئن

تني نئن: تعلقي قنبر ۾ واقع هيءَ نئن ديهه جاگير ۾ آهي. هيءَ نئن جڏهن جبل مان نڪري ٻاهر ميدان تي اچي ٿي ته خوبصورت نظر اچي ٿي. هن نئن اندر کڏو يا کوهي کوٽڻ سان ستن اٺن فوٽن تائين صاف شفاف ٿڌو پاڻي نڪري ٿو، جنهن کي هتي جا مقامي ماڻهو ’سمڙو‘ چون ٿا، ڇو ته اهو پاڻي جر مان تيزيءَ سان سمي سمي گڏ ٿيندو آهي. اهو پاڻي کپي وڃي ته 5 منٽن بعد وري اوترو ئي ٿيو پوي، ماڻهو ۽ مال هڪ ئي وقت هتان پاڻي پيئندا آهن. هن جي ڏکڻ ۾ ”خاتون جي لڪي“ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو